ٻه منهين بلا

ٻه منهين بلا

ٻه منهين بلا

ٻه مُنهين بلا Boidae Indian Sand Boa / Eryx johnii/: ڪٽنب جي هن نانگ کي ٻه منهن ٿيندا ئي ڪونه آهن، پر جيئن ته اهو ننڍڙو ٿلهڙو ۽ گول مٽول نانگ آهي انڪري ان جا ٻئي ڇيڙا هڪ جهڙا لڳندا آهن. ماڻهو ان کي ’ٻه منهي‘ انڪري چوندا آهن، جو عام طور ان جي منڍي ۽ پڇ ۾ فرق ڪرڻ ٿورو ڏکيو آهي. اڪثر ماڻهو ان جي پڇڙيءَ کي به منڍي سمجهندا آهن. پاڪستان ۾ ان جون ٻه جـنسـون Eryx ۽ Gongylophis آهن .
هن بلا جو پڇ ننڍڙو ٿئي ٿو ۽ هڪدم ختم ٿي ويندو آهي. ان جو جسم گول ۽ ڇلر ننڍڙا ۽ گول ٿيندا آهن. ٻه منهينءَ جون اکيون ننڍڙيون ۽ اک جي پتلي عمودي هوندي آهي. هيءَ بلا عام طور زمين ۾ اهڙي هنڌ زندگي گهاري ٿي، جتي ڪٿي ڪٿي ٻُوڙا ۽ ٿورو گاهه هجي. اها کهري، پٿريلي ۽ پوسلي علائقي ۾ تمام گهٽ ملندي آهي. پنهنجي ٿولهه ۽ ننڍي جسم سبب تيزيءَ سان حرڪت نه ڪري سگهندي آهي، انڪري خطري جي وقت جسم کي گولائيءَ ۾ وڪڙ ڏيئي منڍي وچ ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. جسم ڦُنڊائيندي ۽ سُسائيندي آهي ۽ زور زور سان شوڪاريندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پڇ ٻاهر ڪڍي ان کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏيندي آهي. حالت بهتر ٿيڻ تي سڌي ٿي ڀڄي ويندي آهي. هيءَ بلڪل بي ضرر بلا آهي .
هيءَ کليل، خشڪ ۽ ميداني وارياسي علائقي جي بلا آهي. واريءَ ۾ پنهنجي منڍيءَ سان رستو ٺاهي گهڙي ويندي آهي. ٻه منهينءَ جا ڪجهه قسم پاڻيءَ ۾ به رهندا آهن، قد ۾ هڪ ميٽر کان مٿي به ٿينديون آهن. اڪثر رات جي وقت شڪار ڪنديون آهن. انهن جي خوراڪ ڪوئا ۽ پکي وغيره آهن. هن ڪٽنب جا ڪي قسم ٻچا ڏيندا آهن ته ڪي آنا. مادي اپريل کان جون تائين آنا يا ٻچا ڏيندي آهي ۽ آنن جي حفاظت به ڪندي آهي. ٻه منهي جنس جون بلائون سياري ۾ لڳ ڪنديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو